وَالتِّينِ وَالزَّيْتُونِ (1)

انجير ۽ زيتون جو قسم آھي.

وَطُورِ سِينِينَ (2)

۽ طُور سينا جو.

وَهَٰذَا الْبَلَدِ الْأَمِينِ (3)

۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو.

لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنْسَانَ فِي أَحْسَنِ تَقْوِيمٍ (4)

ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون.

ثُمَّ رَدَدْنَاهُ أَسْفَلَ سَافِلِينَ (5)

وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس.

إِلَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ فَلَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ (6)

پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي.

فَمَا يُكَذِّبُكَ بَعْدُ بِالدِّينِ (7)

پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟

أَلَيْسَ اللَّهُ بِأَحْكَمِ الْحَاكِمِينَ (8)

حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟