قُلْ أَعُوذُ بِرَبِّ النَّاسِ (1)

(اي پيغمبر) چؤ ته ماڻھن جي پالڻھار جي پناه گھران ٿو.

مَلِكِ النَّاسِ (2)

ماڻھن جي بادشاھ جي.

إِلَٰهِ النَّاسِ (3)

ماڻھن جي (سچي) معبود جي.

مِنْ شَرِّ الْوَسْوَاسِ الْخَنَّاسِ (4)

پٺ تي ھٽي ويندڙ (شيطان) جي وَسَوَسن جي بڇڙائي کان.

الَّذِي يُوَسْوِسُ فِي صُدُورِ النَّاسِ (5)

جيڪي ماڻھن جي سينن ۾ وَسَوَسو وجھي ٿو.

مِنَ الْجِنَّةِ وَالنَّاسِ (6)

جو جنن (جي جنس) مان ھجي يا ماڻھن (جي جنس) مان.